جدولي حساب

جدولي حساب

جدولي حساب

جدولي حساب (ٻارن لاءِ ڪتاب): هي ڪتاب، نوجوان اديب احسان لغاريءَ ترتيب ڏنو آهي ۽ ان جي نظرثاني بزرگ اديب ۽ دانشور محمد ابراهيم جويي ڪئي آهي. هي ڪتاب پڙهي، ڪيترا وڏيءَ عمر وارا پنهنجي ماضيءَ ۾ ضرور گم ٿي ويندا، ڇو ته هن ڪتاب ۾ ماپ، تور، تعداد ۽ مقدار لاءِ ڪتب ايندڙ لفظ ۽ اصطلاح ماضيءَ جا يادگار آهن، اهي لفظ هاڻي ختم ٿي رهيا آهن ۽ رڳو ’پهاڪن ۽ چوڻين‘ ۾ وڃي رهيا آهن. ماضيءَ ۾ هن قسم جا زباني حساب عام هوندا هئا. جن جي نئين نسل کي ڄاڻ ئي نه آهي. هن ڪتاب شايع ڪرڻ جو مقصد نئين نسل کي ماضيءَ جي لفظن ۽ اصطلاحن جي ڄاڻ کي محفوظ ڪرڻ آهي. هن ڪتاب مان مائٽ ۽ استاد ڄاڻ حاصل ڪري پنهنجي ٻارن ۽ شاگردن کي سکيا جي ان طريقي سان گهڻو ڪجهه سيکاري سگهن ٿا.
هي ڊيمي سائيز جي 99 صفحن تي مشتمل ڪتاب، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ، 2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.


لفظ جدولي حسابھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو